پوپ بينيڊيڪٽ (16هون پوپ)

پوپ بينيڊيڪٽ (16هون پوپ)

پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ

پوپ بينيڊيڪٽ (16هون پوپ): عيسائين جي موجوده روحاني پيشوا، پوپ بينڊيڪٽ 16 آهي، جنهن جو اصل نالو جوزف الوائس ريٽزنگر آهي. هي رومن ڪئٿولڪ فرقي سان واسطو رکي ٿو. سندس جنم 16 اپريل 1927ع تي جرمنيءَ جي شهر بَواريا ۾ ٿيو. هن جو پيءُ جوزف ريٽزنگر سينئر جرمنيءَ جو رهاڪو هو ۽ سندس ماءُ ماريا ’سائوٿ ٽائرول‘ (اٽلي) جي رهواسڻ هئي. پوپ بينڊيڪٽ جي بپتسمي جي رسم سندس جنم ڏينهن تي ادا ڪئي وئي هئي.
هن پنجن سالن جي عمر کان ميونخ يونيورسٽيءَ جي مذهبي درسگاهه ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي. 1941ع ڌاري هٽلر جي حڪومت دوران 14 سالن جي عمر ۾ کيس فوج ۾ زوريءَ شامل ڪيو ويو، ڇو ته ان وقت اهڙو قانون لاڳو هو. 1943ع ۾ هن مڪمل فوجي مشقون سکي ورتيون. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران کيس آمريڪي فوج گرفتار ڪري، جنگي قيدي طور هڪ ڪئمپ ۾ قيد رکيو. جنگ جي خاتمي کان پوءِ کيس ٻين سان گڏ آزاد ڪيو ويو. 1951ع ۾ هن پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي گرجا گهر ۾ مذهبي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. 1953ع ڌاري هن سينٽ آگسٽائين جي مذهبي فلاسافيءَ تي مقالا لکيا. 1957ع ۾ مذهبي تعليم مڪمل ڪيائين. هي 1958ع ۾ ’فريزنگ ڪاليج‘؛ 1959ع ۾ ’بون يونيورسٽي‘ ۽ ان کان پوءِ ٻين ڪيترين يونيورسٽين ۾ پروفيسر رهي چڪو آهي.
جيئن ته هي اڳوڻي پوپ جان پال کي نهايت ويجهو رهيو، ان ڪري سندس وفات کان پوءِ کيس، 19 اپريل 2005ع تي 78 سالن جي عمر ۾ پوپ چونڊيو ويو ۽ 27 اپريل 2005ع تي هن اٽليءَ جي وئٽيڪن سٽيءَ جي گرجا گهر ۾ مذهبي تقريب دوران پنهنجو نالو ’پوپ بينڊيڪٽ 16‘ رکڻ جو اعلان ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.04.16  عيسوي

عيسائين جي موجوده روحاني پيشوا، پوپ بينڊيڪٽ 16 آهي، جنهن جو اصل نالو جوزف الوائس ريٽزنگر آهي.سندس جنم 16 اپريل 1927ع تي جرمنيءَ جي شهر بَواريا ۾ ٿيو.


2005.04.19  عيسوي

پوپ بينڊيڪٽ 19 اپريل 2005ع تي 78 سالن جي عمر ۾ پوپ چونڊيو ويو


2005.04.27  عيسوي

27 اپريل 2005ع تي هن اٽليءَ جي وئٽيڪن سٽيءَ جي گرجا گهر ۾ مذهبي تقريب دوران پنهنجو نالو ’پوپ بينڊيڪٽ 16‘ رکڻ جو اعلان ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد ظفر علي شاهه
ايسر خدمتگذار
سيد نظر حسين شاه نقوي
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
جَڳُل مهيسر
ٽالمي
صادق حسين قريشي
ٽيجارام سنت
حسن اي شيخ
عبدالجبار عبد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون